عبدالرحمان قاضي1

عبدالرحمان، قاضي1: ناميارو صحافي، سماجي ڪارڪن، ليکڪ ۽ قانوندان عبدالرحمان قاضي، 1898ع ڌاري ميان محمد صديق جي گهر، نواب شاهه ۾ جنم ورتو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت جي شعبي سان ڪئي. روزاني اخبار الوحيد ڪراچيءَ جو ايڊيتر ٿيو. هفتيوار انگريزي اخبار ‘مسلم ايڊوڪيٽ’ جاري ڪيائين. ان کان سواءِ خلافت ڪاميٽي سنڌ جي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ سر عبدالله هارون جو پوليٽيڪل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1947ع کان 1951ع تائين ڊائريڪٽر آف انفارميشن ڪراچيءَ جي عهدي تي فائز ٿيو. 24 جون 1958ع تي وفات ڪيائين. کيس نوابشاهه ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو